نوري آباد حادثو: سڙي فوت ٿيل 10 ڄڻن مان 8 مسافرن جا لاش ايڌي سرد خاني حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نوري آباد ويجهو هانءُ ڏاريندڙ روڊ حادثي ۾ سڙي فوت ٿيل 10 مان 8 مسافرن جا لاش ڊي اَين اي سيمپل وٺڻ بعد ايڌي سردخاني حوالي ڪيا ويا، 2 لاش سڃاڻپ بعد وارث کڻائي ويا، جڏهن ته زخمين جو ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج جاري آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير جي دعوائن باوجود سپر هاءِ وي تي موت جو رقص جاري آهي، گذريل رات ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ وين جو سي اين جي سلينڊر ڦاٽڻ سبب 2 عورتن ۽ 2 ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا هئا. حادثي ۾ سڙي فوت ٿيل 10 مان 8 ڄڻن جا لاش جناح اسپتال ۾ ڊي اين اي سيمپل وٺڻ بعد ايڌي سردخاني حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ٻن ڄڻن محمد اقبال قريشي ۽ نصرت خاتون جا لاش سڃاڻپ بعد وارث اباڻي شهر حيدرآباد کڻائي ويا. حادثي ۾ سڙي زخمي ٿيل سحر، امبر، اقبال، عديل محمد امين، طلحيٰ، اسما، حميره ۽ مبشر جو ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي جنهن کانپوءِ گئس سلينڊر ڦاٽن سبب وين کي باهه لڳي، جڏهن ته علائقي واسين پهچي 9 ماڻهن کي وين مان زنده ٻاهر ڪڍيو. هوڏانهن، واقعي جي جاچ لاءِ ٽرانسپورٽ واري وزارت جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد نوري آباد واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير وزير ممتاز جکراڻي وين واقعي جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ جي سربراهي ۾ 3 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت نوري آباد حادثي کانپوءِ سنڌ ۾ ناقص گيس سلينڊر رکندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *