نواز شريف جلسن بدران پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري: سراج الحق

پشاور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته نواز شريف جلسا ڪرڻ بدران دل وڏي ڪري پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري، چوڌري نثار اپوزيشن جي ٽي او آرز کي پڙهڻ کانسواءِ ان کي رد ڪري هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪيو، هن چيو ته جماعت اسلامي جي ڪرپشن فري پاڪستان تحريڪ هاڻ فيصلا ڪن مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ هي تحريڪ ۽ احتساب هاڻ هر شهري جو نعرو بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته احتساب جو مطالبو پاناما ليڪس تائين محدود نه پر گذريل حڪومتن ۾ جن ماڻهن ملڪي خزاني کي لٽيو آهي ۽ رقم پرڏيهه منتقل ڪئي انهن سڀني جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وزيراعظم ۽ حڪمران ٽولو حقيقي ۽ نظر ايندڙ احتساب جي حق ۾ ناهي، جيڪڏهن اهي احتساب جي حق ۾ هجن ها ته اڳوڻيون حڪومتن کان شروع ڪرڻ کان بدران پنهنجو پاڻ کان احتساب جو عمل شروع ڪن ها، هن چيو ته حڪومت سڄو معاملو پاڻ الجهايو آهي، هن چيو ته اسان ڪرپشن ان تحريڪ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ چاهيون ٿا ۽ اسان جي تحريڪ مالياتي ڪرپشن، اخلاقي ۽ انتخابي ڪرپشن جي خلاف آهي ۽ عدالتي نظام ۾ به سڌارا چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *