مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽس جي مڪمل بحالي جي ٽائيم لائن ڏني وڃي: ناصر شاھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته صوبي جي شهرن جي نيڪال ۽ پاڻي جي فراهمي واري نظام کي بهتر ڪيو وڃي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ نواب شاھ ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ انهن کي جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي. اها ڳالھ هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ترقياتي منصوبن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي سيڪريٽري سعيد اعواڻ ۽ کاتي جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. هن چيو ته پراڻي سکر ۾ پاڻي جي نيڪال جو وڏو مسئلو آهي تازي برساتن ۾ شهرين کي سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پيو. پراڻي سکر جي پاڻي جي نيڪال کي جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٿرپارڪر جي آر او پلانٽس جي بحالي جي لاءِ خاص هدايتون ڏنيون آهن ٿرپارڪر جي آر او پلانٽس جي بحالي جي ڪم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ خاص ڪري مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽس جي مڪمل بحالي جي ٽائيم لائن ڏني وڃي. هن چيو ته هو تمام جلد مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽس جو دورو ڪندو. صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ کاتي جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ان موقعي تي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ صوبائي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *