مودي کي جواب ملي ويو، پاڪستان دراندازي يا جارحيت برداشت ڪندڙ ملڪ ناهي: هوائي فوج جو سربراهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ايئر چيف مارشل سهيل امان جو چوڻ آهي ته منهنجي خيال ۾ ڀارت کي جواب ملي چڪو آهي، ڀارت جي سوچ هئي ته دراندازي کي پاڪستان برداشت ڪري ويندو، پاڪستان دراندازي يا جارحيت برداشت ڪندڙ ملڪ ناهي. تفصيل موجب اڳوڻي ايئر چيف مارشل سهيل امان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ هوائي فوج پيشيوراڻي انداز ۾ رسپانس ڏنو آهي، پاڪ هوائي فوج ڪالهه به ڪارروائي لاءِ تيار هئي، ڀارت پروپيگنڊه ڪري رهيو آهي، اڄ ڪلهه شيون جلدي ئي ڪليئر ٿي وينديون آهن. اڳوڻي ايئر چيف مارشل جو چوڻ هو ته ڀارت اهڙي پروپيگنڊه نه ڪري، جنهن سان هن کي شرمندگي ٿئي، ايئر ڪامبيٽ منٽن ته پري سيڪنڊ ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي، پاڪ هوائي فوج بهترين انداز ۾ ايئر ڪامبيٽ کي انجام ڏنو، ان قسم جي ڪارروائين ۾ سيڪنڊ لڳندا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *