ممبئي حملي ڪيس ۾ سمورن پاڪستاني شاهدن جا بيان قلمبند، جرح مڪمل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ممبئي حملي ڪيس ۾ سمورن پاڪستاني شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا جڏهن ته انهن تي جرح به مڪمل ٿي وئي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اسلام آباد ۾ ممبئي حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند ڪئي. فريادي جو شاهد زاهد اختر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ وڪيل صفائي مٿس جرح مڪمل ڪري ورتي. جوابدارن جي وڪيل راجا رضوان عباسي درخواست ڪئي ته ڀارتي شاهدن بابت حڪم جاري ڪيو وڃي، عدالت چيو ته گهرو وزارت 27 ڀارتي شاهدن جي موجودگي بابت مهلت گهري رکي آهي.  جوابدارن جي وڪيل چيو ته گهرو وزارت ٽي سالن ڪاٿي هئي، هن اڄ تائين ڪو به جواب ناهي ڏنو، ائين نه ٿئي جو 27 جون تي ٻيهر  وقت گهريو وڃي. فاضل جج چيو ته عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ لکيو آهي ته 27 جون آخري مهلت آهي. پراسيڪيوٽر وڪيل جوابدارن کي چيو ته توهان انتظار ڪيو جيڪڏهن رپورٽ پيش نه ڪئي ته ڀارتي شاهدن کان سواءِ فيصلو ٻڌايو ويندو.  عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 27 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ممبئي حملي ڪيس ۾ 87 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن.  گڏيل طور تي 8 جوابدار نامزد آهن جن ۾ حماد امين، شاهد جميل، ظفر اقبال، عبدالواحد، محمد يونس، جيمل احمد ۽ سفيان ظفر جيل ۾ آهن جڏهن ته زڪي الرحمان لکنوي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت تي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *