
مبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا جيڪا پنهنجي مُڙس ارباز خان سان اختلافن ۽ پوءِ ڌار ٿيڻ سبب گهڻي پريشان نظر اچي رهي آهي.جڏهن ته بالي ووڊ اداڪارا ۽ ارباز خان ڌار ٿي چڪا آهن ۽ ملائڪا ارباز خان جي ڪٽنب کان به پري ٿي وئي آهي ۽ جنهن جو کيس حد کان وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي.ملائڪا اروڙا جي ويجهن ساٿين جو چوڻ آهي ته اداڪارا چاهي ٿي ته هو مسٽر خان پاران مليل طلاق وارن ڪاغذن تي صحيح نه ڪندي،ڇاڪاڻ ته سندس خان ڪٽنب سان هڪ لاڳاپو برقرار رهي.