
لاهور ( اسپورٽس نيوز ) اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق ٽيم کي ذهني طور ڪمزور قرار ڏئي ڇڏيو.ڀارت خلاف عالمي ڪپ جي اهم ميچ ۾ شرمناڪ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01
شڪست تي مصباح الحق ٽيم تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ٽيم ذهني طور ڪمزور آهي، ميچ جي شروعات ۾ ئي پاڪستاني ٽيم دٻاءُ ۾ هئي جنهنڪري رانديگرن غلطيون ڪيون.اڳوڻي ڪپتان ٽيم مئنيجمنٽ مان به ناخوش نظر آيو ۽ چيائين ته ٽيم سليڪشن ۾ غلطيون ڪيون ويون، کين اها خبر ئي ناهي ته 6 سٺا بيٽسمين ۽ 5 سٺا بالر ڪهڙا آهن.مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ تسلسل ۽ ڊسپلن جي فقدان آهي، ڀارتي ٽيم پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڊسپلن سان کيڏي رهي آهي، ان تسلسل سبب ڀارتي ٽيم ٽورنامنٽ جي ٽاپ ٽيمن ۾ شامل آهي.