مخالف ڌر پارٽين جو پارليامينٽ ۾ حڪومت خلاف گڏيل احتجاج جو فيصلو

اسلام آباد (م.ڊ) پ پ ۽ ن ليگ سميت سموري اپوزيشن حڪومت خلاف گڏيل احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سڀ جماعتون پارليامينٽ ۾ به حڪومت کي ٽف ٽائم ڏينديون. شهباز شريف جي سربراهي ۾ اپوزيشن جماعتن جو گڏيل اجلاس ان جي چيمبر ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، رضا رباني، شيري رحمان، اي اين پي جو امير حيدر هوتي، جي يو آءِ جو سعد محمود شريڪ ٿيا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته سڀاڻي اپوزيشن جي گڏيل پارلياماني جماعتن جو اجلاس ٿيندو، عوامي مسئلن تي سڀ گڏ آهيون، احتساب جي نالي تي جيڪا زيادتي ٿي رهي آهي، ان خلاف اسان سڀ هڪ آهيون. هن چيو ته عمران نيازي نيب آرڊيننس ۾ ترميمون آڻي پاڻ کي ۽ پنهنجي ماڻهن کي اين آر او ڏيڻ چاهي ٿو پر اسان سندس رستو روڪينداسين، جڏهن ته مهانگائي خلاف پارليامينٽ ۾ ڀرپور آواز اٿارينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کانپوءِ مهانگائي سبب عوام سخت پريشان آهي، اهو ئي اهم نڪتو آهي جنهن تي گڏيا آهيون، نالائق ۽ نااهل حڪومت کي گڏجي ڀڄائينداسين. سندس چوڻ هو ته اسان عوامي مسئلن کي گڏجي اٿارينداسين، حڪومت جي ناڪام پاليسين کي وائکو ڪنداسين، اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته حڪومت جي سياسي انتقام ۽ ڌانڌلي جي سازش کي ناڪام بڻايون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *