مارچ ۾ وڏين سياسي شخصيتن جي گرفتارين جو خواب ڏٺو آهي: منظور وساڻ

ڪنڊيارو(رپورٽر) معدنيات جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۾ ڪي به اختلاف ناهن، سنڌ ۾ رينجرز ڪپتان جي ماتحت ڪم ڪري رهي آهي، عوام راحيل شريف کي چاهي ٿو، ان لاءِ هو عوام جي اسرار تي رٽائرڊ ٿيڻ بعد به عهدي تي ڪم ڪندو، مارچ ۾ وڏين سياسي شخصيتن جي گرفتارين جو خواب ڏٺو آهي،6

اهڙو اظهار هن ڪنڊيارو ۾ يوسي ڄام نورالله جي فوت ٿي ويل مسلم ليگ (ن) جي چيئرمين حاجي الهه ورايو سهتو جي وفات تي سندس ڀائرن ميرخان سهتو، گلزار سهتو ۽ ٻين سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪامياب ٿيل ضلعي چيئرمينن جي نالن جو اعلان 10 ڏينهن اندر پارٽي چيئرمين ڪندو، چيئرمين شپ لاءِ ڪي به اختلاف ناهن، ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي ساک بچائڻ لاءِ ابتا سبتا بيان ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ رينجرس ڪپتان جي ماتحت ڪم ڪري رهي آهي، عوام راحيل شريف کي چاهي ٿو، ان لاءِ هو رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجي عهدي تي ٻيهر ڪم ڪري سگهي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن، سنڌ ۾ پ پ صحيح نموني سان ڪم ڪري رهي آهي، ٿر ۾ فوت ٿيندڙ ٻارڙن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ پ مخالف ماڻهو ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي ايم اين اي نواب خان وساڻ، اڳوڻو ايم پي اي مسلم ليگ (ن) اڳواڻ سيد آفتاب علي شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *