لڳي ٿو ته بندر جي هٿ ۾ استرو اچي ويو آ، حڪمرانن کان ملڪ نه پيو هلي: آصف زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪمزور ماڻهن ٽي وي چئنل تي منهنجو انٽرويو نشر ٿيڻ کان روڪيو، هڪ اعليٰ شخصيت خلاف لنڊن ۾ ڪيس ٺهي رهيو آهي جيڪو آمريڪا تائين ويندو.  احتساب عدالت ۾  پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪمزور ماڻهو ئي انٽرويو روڪڻ جهڙا ڪم ڪندا آهن، هڪ اعليٰ شخصيت خلاف لنڊن ۾ هڪ ڪيس ٺهي رهيو آهي جيڪو آمريڪا تائين ويندو،  اهڙي ڪيس ۾ جاچ لنڊن ۽ آمريڪا ۾ ٿي رهي آهي،  جڏهن اسان جي حڪومت ايندي ته نيب ڪيس جو نوٽيس وٺندي، منهنجي انٽرويو ۾ اها ئي ته اصل ڳالهه هئي.  آصف علي زرداري راڻا ثناءَ الله جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته ڇا راڻا ثناءَ الله منشيات پنهنجي ئي گاڏي ۾ کڻي ويندو هوندو،  مون تي به منشيات جو اهڙو ئي ڪيس ٺاهيو ويو اهڙي ڪيس مان نڪرندي پنج سال لڳي ويا،  منهنجي ڪيس ۾ منشيات نه هئي پر وڌي وئي، منهنجي ڪيس ۾ به موت جي سزا هئي راڻا ثناءَ الله تي ٺاهيل ڪيس جي سزا به موت آهي.  هن چيو ته حڪمرانن کان ملڪ نه هلي رهيو آهي ۽ حڪمران ٽيڪس مٿان ٽيڪس هڻي رهيا آهن،  هاڻي تي گاڏين تي به ٽيڪس لڳائي وئي آهي، لڳي ٿو ته بندر جي هٿ ۾ پاڪي اچي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته في الحال حڪومت کي طاقتور ڌر جي حمايت حاصل آهي، ملڪ يمن، شام يا موجوده حالت ۾ ئي رهي ٽي آپشن آهن. وزيراعظم جي خطاب بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته وائڙي جون ڳالهيون ڇو ٻڌان، مون وٽ وقت ئي ناهي. هن چيو ته  اسان وڙهي رهيا آهيون ۽ وڙهندا رهنداسين، پنهنجي گرفتاري پاڻ پيش ڪري اسان وڙهي رهيا آهيون، هن سينيٽ چيئرمين جي تبديلي بابت سوال جو جواب نه ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *