لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ، 2 شهري زخمي، ڀارتي ڊپٽِي هاءِ ڪمشنر جي پرڏيهي آفيس طلبي

مظفر آباد/اسلام آباد (اين اين آءِ) ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 2 شهري زخمي ٿي پيا آهن. لائن آف ڪنٽرول جي چمبر سيڪٽر تي ڀارتي فوج طرفان بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀارت طرفان فائرنگ دوران فائرنگ جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو  ۽ دشمنن جي بندوقن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو. پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جي خلاف ورزين تي احتجاج ڪندي زور ڀريو آهي ته 2003 جي سيز فائر ٺاهه جو احترام ڪندي پاڪستاني ڳوٺن ۽ سولين تي نشانو بڻائڻ کان روڪيو وڃي، پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت جي ڊي جي ڏکڻ ايشيا سارڪ ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت فوج پاران 27 آڪٽومبر تي سيز فائر جي خلاف ورزين تي سخت احتجاج ڪيو، ڀارتي فوج پاران شڪر ڳڙهه سيڪٽر ۽ لائين آف ڪنٽرول تي نڪيال سيڪٽر ۾ ڇتي فائرنگ سان 2 عورتن سميت 6 شهري شهيد ۽ 22 زخمي ٿيا هئا، ڊي جي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر تي زور ڀريو ته 2003 ۾ سيز فائر بابت ٺاهه جو احترام ڪيو وڃي ۽ سيز فائر جي مسلسل خلاف ورزين جي جاچ ڪئي وڃي، ڀارتي فوج کي هدايت ڪئي وڃي ته اها سيز فائر جو احترام ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *