قيادت ملي ته پنهنجي بهترين پرفارمنس ڏيکاريندس: اسد شفيق

 

لاهور( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي نائب ڪپتان اسد شفيق چيو آهي ته ٽيم جي قيادت هر پليئر جي زندگي جو وڏو خواب هوندو آهي، جڏهن ته کيس ڪپتاني ملي ته پنهنجي بهترين پرفارمنس ڏيکاريندس.تفصيل موجب قومي ٽيم هن وقت ڏکڻ آفريڪا ۾ موجود آهي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻئين ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئپ شڪست جي ور چڙهڻو پيو هو جنهن کانپوءِ ڪپتان سرفراز احمد جي قيادت تي ڪيترائي سوال اٿي ويا ۽ افواهون شروع ٿي ويون ته کيس ڪپتاني تان هٽايو پيو وڃي يا هو پاڻ ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *