قومي ٽيم کي ڀارت هٿان مات ملڻ کانپوءِ پي سي بي نئين ڪوچ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي

ڪولڪتا (اسپورٽس نيوز)  ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم کي ڀارت هٿان مات ملڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نئين ڪوچ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن مطابق پي سي بي چيئرمين شهريار خان ڪولڪتا ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران قومي ٽيم لاءِ نئين ڪوچ جي مقرري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن مطابق ملاقات ۾ قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم به موجود هو، واضح هجي ته شهريار خان گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته شاهد آفريدي ٽي ثوئنٽي ورلڊ کانپوءِ ڪپتان نه رهدنو، جڏهن ته هيڊ ڪوچ وقار يونس جي مستقبل جو فيصلو به ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪيو ويندو پر هاڻ لڳي ٿو ته پي سي بي پنهنجو فيصلو مٽائي نئين ڪوچ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *