فنڪار جي ڪابه سرحد ناهي هوندي پر ڳالهه جڏهن پاڪ ڀارت جي اچي ٿي ته اتي حدون شروع ٿي وينديون آهن: وينا ملڪ

 

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان وينا ملڪ چيو آهي ته فنڪار جي ڪابه سرحد ناهي هوندي پر جڏهن ڳالهه پاڪ ڀارت جي اچي ٿي ته اتي فنڪارن جون حدون هونديون آهن.پاڪستاني اسڪينڊل جي راڻي اداڪاره وينا ملڪ جتي ماضي ۾ بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري مختلف تڪرارن جو شڪار رهي آهي اتي اڄڪلهه پنهنجي سياسي خيالن سبب سوشل ميڊيا تي به ڪافي بحث هيٺ رهي ٿي. ڀارت ۾ تڪرار جوڳو فوٽو شوٽ ڪرڻ کان وٺي رمضان ۾ پروگرام جي ميزباني ڪرڻ تائين وينا ملڪ جي زندگي ۾ ڪيترائي لاها چاڙهي آيا تازو ئي هڪ انٽرويو دوران وينا ملڪ پنهنجي جي ان ڳالهين کي مداحن سان شيئر ڪيو جيڪي ان کان اڳ سامهون نه آيون هيون.پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب فنڪارن تي لڳندڙ پابندين جي حوالي سان وينا چيو ته فنڪارن جي ڪابه سرحد ناهي هوندي، فنڪار دنيا ۾ ڪٿي به وڃي سگهي ٿو پر ڳالهه جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جي اچي ٿي ته هتي فنڪارن جي لاءِ حدون شروع ٿي وينديون آهن. ڇو ته جيڪڏهن حدون نه هجن ها ته سرحد پار وڃي ڪم ڪندڙ فنڪارن مٿان تنقيد نه ٿئي ها. خاص طور تي جڏهن ڳالهه مودي جي قيادت ۾ ڀارت جي موجوده حالتن جي هجي جتي ڀارت جا پنهنجا اقليتي به محفوظ نه هجن. وينا ملڪ پنهنجي شادي ۽ طلاق جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته 2015 ۾ هو مڙس کان الڳ ٿي وئي ۽ 2016 ۾ ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي. پنهنجي ٻنهي ٻارن جي ڪسٽڊي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن ڊگهي قانوني جنگ وڙهي پر جڏهن ٻارن جي ڪسٽدي کيس ملي وئي ته ان جو اڳوڻو مڙس   ٻارن جا پاسپورٽ کڻي ويو جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن هڪ ٻئي قانوني جنگ وڙهي.وينا ملڪ چيو ته هو 2 زندگيون گذاري رهي آهي. پنهنجي ذاتي  زندگي ۾ هو سادگي سان رهڻ پسند ڪري ٿي  جيئن هر ماءُ پنهنجي ٻارن سان گڏ رهندي آهي. وينا ملڪ ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته بگ باس منهنجي زندگي تي وڏو اثر وڌو آهي. جڏهن اوهان اجنبين سان هڪ ئي گهر ۾ رهندا آهيو ۽ ٻاهر جي دنيا کان  اوهان جو ڪوبه تعلق نه هجي ته ان وقت اوهان جي پنهنجي سڃاڻپ هوندي آهي. وينا ملڪ چيو ته مون کي بگ باس جوائڻ ڪرڻ جي ڪيترائي دفعا آڇ ٿي آهي پر هاڻ مان اهو باب بند ڪري چڪي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *