
لاس ويگاس (اسپورٽس نيوز) فلپائن جي باڪسر ميني پڪيائو ڊبليو بي او ويلٽر ويٽ جو عالمي ٽائٽل کٽي ورتو، هو آڪٽوبر 2015ع ۾ آمريڪي باڪسر فلوئيڊ مي ويدر کان مات کائي ويو هو، ميني پڪيائو ۾ ٿيل مقابلي ۾ هن ورگاس کي گڏيل فيصلي ۾ مات ڏني، 37 سالن جي باڪسر هڪ مات کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، ان کانپوءِ هن مقابلي لاءِ اعلان واپس ورتو هو، ججن 114، 113، 118، 119 ۽ 118-109 جي گڏيل فيصلي کانپوءِ ميني پڪيائو کي ڪامياب قرار ڏنو.