فاروق ستار سان ملاقات اتفاقي نه هئي، سندس گهرائڻ تي ڪراچي پهتي هئس: حريم شاهه

ڪراچي(شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي جي سربراهه فاروق ستار سان ملڻ ئي ڪراچي پهتي هئس. حريم شاهه جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي تازو ئي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جيڪا نجي ٽي وي تان ڪجهه مهينا اڳ نشر ڪيل پروگرام جي آهي. وڊيو ۾ هڪ طرف حريم شاهه کي فاروق ستار سان ٿيندڙ ملاقات بابت ڳالهيون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو ته ٻئي طرف فاروق ستار حريم سان ملاقات کي هڪ اتفاقي ملاقات قرار ڏنو. ڳالهين دوران حريم شاهه چيو ته فاروق ستار شو ۾ غلط بياني ڪئي آهي ان سان ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ملاقات منصوبه بندي جي تحت ٿي هئي. هن چيو ته مان فاروق ستار جهڙي نه آهيان. جنهن سان دوستي ڪندي آهيان ان کي سموري دنيا جي سامهون به مڃيندي آهيان. حريم شاهه چيو ته منهنجي فاروق ستار سان پهرين ملاقات اسلام آباد جي هوٽل ۾ ٿي جتي لفٽ ۾ فاروق ستار نمبر ڏنو جنهن کان پوءِ ٻئي ملاقات لاهور ۾ ٿي ان کان پوءءِ 6 مهينن تائين مان فاروق ستار سان رابطي ۾ رهيس. ان کان پوءِ ڪراچي آيس جنهن جون وڊيوز به وائرل ٿيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *