غير ضروري ماڻهو پاڪستان جي سياست تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا: مولانا فضل الرحمان

ديرا اسماعيل خان (اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پانامه ليڪس جي حوالي سان چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جاچ جو مطالبو ڪندڙ احتساب جي خوف کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو پاڻ چور آهن جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي سياست جو هڪ غير ضروري عنصر جنهن وٽ سياسي زبان آهي ۽ نه الفاذ آهن اهي ئي پاڪستان جي سياست تي قبضو ڪري رهيا آهن پر اسان جمهوري نظام خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ جي وزيراعظم خلوص نيت سان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو ۽ اپوزيشن کي چيو ته اچو ۽ ڪميشن بڻايو ۽ جيڪڏهن مان واقعي ۾ ڏوهي آهيان ته گهر وڃڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته وزيراعظم پانامه ليڪس جي معاملي تي اپوزيشن جو پارليماني ڪميٽي وارو مطالبو به قبول ڪيو پر اتي به اپوزيشن ۽ تنقيد ڪندڙ فرار ٿي ويا. هن عمران خان جو نالو وٺڻ بنا چيو ته هن کي ڪميشن جي اڳوڻي جج قبول نه ڪيو ۽ بيروڪريٽ قبول ڪن ٿا. مولانا فضل الرحمان چيو ته عوام جي قوت جمهوريت جو روح آهي. عوام وزيراعظم خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. هن چيو ته احتساب لنڊن وڃي ڪري هڪ پاڪستاني جي مقابلي ۾ هڪ يهودي جي حمايت ڪئي. پاڪستان ۾ ڏيندڙ اواز هتان جا نه پر ٻاهريان آهن هن چيو ته ترقي جو آغاز ٿي چڪو آهي ۽ اهو سفر ڪاميابي سان پنهنجي انجام تائين پهچندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *