
لاهور (م.ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق غيرت جي نالي تي قتل واري بل جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته شريعت خلاف ڪنهن به قانون کي بلڪل به برداشت نه ڪنداسين، سينيٽر سراج الحق چيو ته بل ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي آئيني حيثيت کي به چئلينج ڪيو ويو آهي، قانون ۾ صلح جو حق نه ڏيڻ اسلامي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي، غيرت جي نالي تي قانون جوڙڻ هوڏ ۽ دهشتگرديءَ جي برابر آهي. هن چيو ته حضرت امام حسين سان محبت جو حق ادا ڪرڻ جي لاءِ يزيدي نظام سان ٽڪرائڻو پوندو، حڪمرانن ملڪ ۾ ظالماڻو نظام مڙهي رکيو آهي.