عذير بلوچ جو پ پ سان تعلق ثابت ٿيو ته جواب ڏينداسين: بلاول ڀُٽو زرداري

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداري چيو آهي ته عذير بلوچ جو پيپلزپارٽي سان ڪو به تعلق ناهي،جڏهن ته عذير بلوچ جو پ پ سان تعلق ثابت ٿيو ته هو جواب ڏيندا. واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداري چيو ته هو عذير بلوچ واري معاملي لاءِآمريڪا ناهي آيو. هن چيو ته عذير وارو معاملو اڃا عدالت ۾ هلندڙ آهي پر ان معاملي تي پيپلز پارٽي جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هن جو پنهنجي والد سان ڪي به اختلاف ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *