عدالت معاملي کي التويٰ هيٺ رکڻ نٿي چاهي، حڪومت جواب داخل ڪرائي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرز جي استعيفائن واري ڪيس ۾ سينيٽ چيئرمين جي رولنگ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سمورن ميمبرز کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرز جي استعيفائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ جي شروعات ۾ بينچ جي ميمبر جسٽس امير هاني مسلم سوال ڪيو ته ڇا عدالت پارليامينٽ جي ڪارروائي ۾مداخلت ڪري سگهي ٿي.؟ درخواستگذار سينيٽر ظفر علي شاهه چيو ته عدالت کي پارليامينٽ جي ڪارروائي ۾ مداخلت جو اختيار آهي. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته جيستائين معاملو اسپيڪر وٽ آهي، عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي. درخواست ۾ ڌر بڻايل سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن عدالت ۾ پيش دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ قاعد ايوان کي ڌر بڻايو ويو آهي پر هن معاملي سان سندن ڪو به واسطو ناهي. چيف جسٽس اعتزاز احسن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن اوهان جو معاملي سان واسطو ناهي ته ڌار درخواست ڏني وڃي. چيف جسٽس حڪومت کي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عدالت معاملي کي التويٰ هيٺ رکڻ نٿي چاهي، حڪومت جواب داخل ڪرائي، جيئن جلد فيصلو ڪري سگهجي. عدالت، ميمبرز جي استعيفائن بابت سينيٽ چيئرمين جي رولنگ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايم ڪيو ايم ميمبرز کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ، تحريڪ انصاف جي ميمبرز کي به جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *