
لاهور: (شوبز نيوز) مشهور اداڪاره جويريه عباسي چيو آهي ته سينئر اداڪاره عتيقه اوڍو جي اداڪاري مان متاثر ٿي شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو.رپورٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته عتيقه اوڍو جي اداڪاري مان تمام گهڻي متاثر آهيان ۽ ان جا ڊراما ڏسي منهنجي اندر جو فنڪار سجاڳ ٿيو جنهن کان پوءِ ٽي وي تي اداڪاري جو آڊيشن ڏنو جنهن ۾ مان ڪامياب ٿي ويس.جويريه عباسي چيو ته منهنجي ماءُ حڪمت ڪندي هئي. امڙ مون کي به ان شعبي ۾ آڻڻ ٿي چاهيو پر منهنجي ان ۾ دلچسپي نه هئي. اداڪاره چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ اچي مون تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.واضح رهي ته جويريه عباسي کي دل ديا دهليز ڊرامي ۾ مرڪزي ڪردار نڀائڻ کان پوءِ شهرت ملي جنهن کان پوءِ دوراها، بي قصور، بدگمان سميت ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن ۾ هن بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.