صدر ۽ پنجاب جو گورنر اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪن جنهن سان تاريخ ۾ شرمنده ٿين، عمر چيمھ عزت سان ھليو وڃي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير رانا ثناءُالله خان صدر عارف علوي ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڪلاڪن جا گورنر موصوف شرافت سان گهر هليا وڃن پنهنجي عزت وڌيڪ خراب نه ڪريو ته سٺو ٿيندو پنهنجي بيان ۾هن چيو ته صدر ۽ پنجاب جو گورنر اهڙو ڪوئي ڪم نه ڪن جو تاريخ ۽ عوام اوهان تي ڦٽڪار ڪندي رهي صدر وزيراعظم جي ايڊوائز جو پابند آهي ان کان هٽڻ آئين ٽوڙڻ سمجهيو ويندو هن چيو ته صدر ۽ پنجاب جو گورنر آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي هلن ڪنهن به ڀڃڪڙي کان پاسو ڪن هن چيو ته سپريم ڪورٽ قرار ڏئي چڪي آهي ته صدر وٽ ڪي ان هيرنٽ يا ريزيڊيول پاورز نه آهن پارليماني جمهوريت ۾ صدر جوعهدو علامتي هوندو آهي ان وٽ ويٽو جو اختيار نه آهي هن چيو ته ايوان صدر پي ٽي آئي سيڪريٽريٽ نه آهي عمران خان جا غلام نه بڻجو آئين تي هلو هن چيو ته عمر چيما ويندي ويندي ڪوئي نئون گند وجهڻ کان پاسو ڪري ۽ شرافت سان گهر هليو وڃي. آئين کان هٽندڙن کي آئين عدالت ۽ عوام جي سزا لاءِ تيار رهڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *