شهاب الدين جي پٽ جي ايم پي او جي تحت گرفتاري بدترين سياسي انتقام آهي: ن ليگ

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شهاب الدين جي پٽ جي گرفتاري ۽ ضلعي بدري جي مذمت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته شهاب الدين جي پٽ جي ايم پي او جي تحت گرفتاري بدترين سياسي انتقام آهي، سياسي ڪارڪنن کي جيل ۾ وجهي پي ٽي آءِ جي آمريت کليل نموني سامهون اچي وئي، جلال الدين کي ضلعي بدر ڪرڻ انتها آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران نيازي سراپا آمريت آهي، جلال الدين کي باجوڙ مان هري پور ضلعي بدري ڪرڻ جو مقصد سچ لڪائڻ آهي، سرڪاري ادارن، پارليامينٽ ۽ پوليس تي حملا ڪندڙ نيازي صاحب سياسي مخالفن جي زبان بندي ڪري رهيو آهي. قبائلي ضلعي باجوڙ مان جلال الدين جي گرفتاري کان پوءِ هڪ مهيني لاءِ هري پور جيل موڪليو ويو آهي. هن کي ڊي سي باجوڙ جي حڪم تي سول ڪالوني خار مان گرفتار ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر باجوڙ جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل خاندان سرڪاري اهلڪارن کي پنهنجي علائقي ۾ ناهي وڃڻ ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *