شارجا ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي مات،پاڪستان سيريز کٽي ٻي پوزيشن تي پهچي ويو

شارجا:پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگينڊ کي 156 رنسن تي گهمائي نه رڳو آخري ٽيسٽ پر سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي ۽ ان سان گڏ آئي سي سي جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پڻ ٻي پوزيشن ماڻي ورتي.شارجا ۾ آخري ٽيست ميچ جي اڄ آخري ڏينهن تي، پاڪستاني اسپن بالرن انگلينڊ جي گورن کي گهمائي لاٿو، ڏينهن جي شروعات ۾ انگلينڊ 2وڪيٽن جي نقصان تي 46 رنسن سان ميدان ۾ لٿي ، ميچ جي آخري ڏينهن تي رهيل 8 رانديگر رڳو 104 رنسون ٺاهي سگهيا، ڪپتان ايلسٽر ڪُڪُ اڪيلي سِر مزاحمت ڪندي 63 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته انگلينڊ جا 6 رانديگر ڊبل فگرز ۾ ئي نه پهچي سگهيا،معين علي ۽ عادل راشد 22، 22، رنسون ٺاهي سگهيا.پاڪستان طرفان ياسر شاهه4، شعيب ملڪ 3، ذوالفقار بابر2،جڏهن ته راحت علي هڪ وڪيٽ ورتي.واضح هجي ته پاڪستان پهرين اننگ ۾ 234 ۽ ٻي اننگ ۾ 355 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 306 رنسون ٺاهيون ۽ ان کي ڪاميابي لاءِ 284 رنسن جو ٽارگيٽ مليو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *