
اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ مخالف ڌُر جي پارٽين جي بل جي روشني ۾ فيصلو ڪري، پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽر اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته پاناما ليڪس معاملي تي سپريم ڪورٽ کي ڪميشن نه ٺاهڻ گهرجي، مخالف ڌُر جي پارٽين جي بل جي روشني ۾ فيصلو ڪيو وڃي، مخالف ڌُر جون پارٽيون پاناما بل تي راضي ۽ گڏ آهن.