سپريم ڪورٽ جو 11 آگسٽ تائين جو روسٽر جاري، پاناما ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو، پڌرائي جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سپريم ڪورٽ طرفان محفوظ ڪيل پاناما ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو، جنهن سلسلي ۾ پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، پڌرائيءَ موجب پاناما ڪيس جو فيصلو اڄ صبح 11:30 وڳي ٻڌايو ويندو، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ پاناما ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائيندي، لارجر بئنچ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس اعجاز افضل خان شامل آهن، ياد رهي ته عدالتي بئنچ 10 جولاءِ تي جي آءِ ٽي طرفان رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد 17 جولاءِ کان مسلسل 5 ٻڌڻين بعد 21 جولاءِ تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.  ٻئي طرف سپريم ڪورٽ 11 آگسٽ تائين بئنچ جوڙي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ پاناما ڪيس جو بئنچ شامل ناهي، سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني پاناما عملدرآمد بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز افضل خان بئنچ جو سربراهه آهي، جڏهن ته جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس عظمت سعيد بئنچ جا ميمبر آهن، ياد رهي ته عدالتي بئنچ 10 جولاءِ تي جي آءِ ٽي طرفان رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد 17 جولاءِ کان مسلسل 5 ٻڌڻين بعد 21 جولاءِ تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، اڄ سپريم ڪورٽ طرفان 11 آگسٽ تائين جو روسٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پاناما بئنچ جي ميمبر جسٽس اعجاز الحسن جو نالو 11 آگسٽ تائين ڪنهن بئنچ ۾ ناهي ۽ پاناما بئنچ جا 2 ميمبر ججز 11 آگسٽ تائين اسلام آباد ۾ دستياب نه هوندا، روسٽر مطابق جسٽس اعجاز الحسن ايندڙ هفتي موڪلن تي هليو ويندو ۽ جسٽس عظمت سعيد شيخ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪيس ٻڌندو، روسٽر مطابق سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي 3 بئنچ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا ۽ آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ 2 بئنچ مختلف ڪيس ٻڌندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *