سينيٽ چونڊن تي صدارتي آرڊيننس چيلينج ڪرڻ جو اعلان، حڪومت جي نيت خراب آهي: بلاول

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڳجهي رائي شماري هر شهري جو آئيني حق آهي. دٻاءُ ۽ اثر رسوخ ۽ ڪنهن امڪاني انتقامي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ اِهو حق هر شهري کي ڏنو ويو آهي. صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي چونڊ هجي يا سينيٽر جي چونڊ انهن جي لاءِ اِهو اصول قبول ڪيو ويو آهي، هاڻ اسان جي ان حق تي حملو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ گڏيل چونڊ سڌارن جا حامي آهيون پر حڪومت صاف شفاف ۽ غير تڪراري چونڊون نٿي چاهي. هن وٽ گهڻو وقت هو، ٽي سالن ۾ گڏيل قانون سازي ڪئي وئي. پر سينيٽ ۾ اسان اوپن ووٽ ۾ به مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.  پي ڊي ايم اوپن بيلٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت جي نيت خراب آهي، سندس خيال هو ته سينيٽ ۾ هن کي کليل ميدان ملندو ۽ ان ڪو به مقابلو نه ٿيندو. پر پي ڊي ايم جي ميدان ۾ لهڻ کان پوءِ انهن حالتن جي بدلجڻ جو احساس ٿيو آهي. حڪومت کي اندازو آهي ته هن جا پنهنجا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر حڪومت سان گڏ ناهن. پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن به چيو آهي ته ۽ تاريخي مثال موجود آهن. ريفرنس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي پر اسان صدارتي آرڊيننس کي چيلينج ڪنداسين ۽ سنڌ حڪوتم طرفان به چيلينج ڪيو ويندو. جيڪڏهن اِها سازش ڪامياب رهي ته پوءِ اسيمبلي ميمبرن جي ووٽ وجهڻ جو ڪهڙو فائدو رهندو. هن چيو ته جيڪڏهن صدارتي آرڊيننس جي ذريعي چونڊ طريقيڪار تبديل ٿيڻ جو مثال قائم ٿي ٿو وڃي ته ان جي ذريعي عام چونڊن جو طريقي ڪار به تبديل ڪيو ويندو. حڪومت جي سهولتڪارن کي سمجهڻ گهرجي ته اسان ائين ڪيون ٿا ته غلط پيغام ويندو. سپريم ڪورٽ سان اميدون سلهاڙيل آهن ته هو ان تي غير جانبداراڻو فيصلو ڏيندي. هن چيو ته ڳجهي رائي شماري سان تحريڪ انصاف جي ميمبرن ۽ اسان جي لاءِ ضمير جي موجب ووٽ وجهڻ سولو هوندو پر حڪومت کي پنهنجي ميمبرن ۽ اتحادين تي اعتماد ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان بابت پڇيل سوال تي هن جو چوڻ هو ته آئون هن سان سئو سيڪڙو متفق آهيان، اسان به چاهيون ٿا ته ادارا سياست کان پري رهن. سندس چوڻ هو ته لانگ مارچ پنڊي پهچڻ کان اڳ ئي سڀني کي اسان جي طاقت نظر ايندي. اسان جو مطالبو آهي اسٽيبلشمنٽ سياست کان پري رهي. خدا نه ڪري سينيٽ اليڪشن ۾ به ادارا تڪراري ٿيا ته ان جا اثر سڄي پاڪستان تي پوندا. 2018ع جي سينيٽ اليڪشن مان گهڻو ڪجهه سکي چڪا آهيون ۽ اڳتي اهڙي غلطي نه ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *