سنڌ روينيو بورڊ سڀني صوبن کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ناڻي واري سينئر وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي جو سمورو نظام درست ناهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ وزير اعظم جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري ته مسئلا ڪهڙا آهن. ڪراچي ۾ ٽيڪس وصولي  بابت ورڪشاپ کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته ود هولڊنگ ٽيڪس پراپر ٽيڪس نه آهي ۽ انڪم ٽيڪس جو طريقه ڪار هجڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي جو پورو نظام درست نه آهي، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ ٻين ڪمپنين کي گهرائي انهن جو حساب وٺڻو پوندو، مسئلن باوجود وزير اعظم جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي رينگي. هن چيو ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت به ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ اها به مسئلا حل نه ڪري سگهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان ايل اين جي گئس جي حوالي سان گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي خط لکي چيو آهي ته قانوني طريقي سان مسئلي کي حل ڪيو وڃي. مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان اسٽيل ملز کي خانگي شعبي ۾ به ڏينداسين ته ملازمن جو خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ ۾ تڪبندين جي حوالي سان ڪجهه مونجهارا آهن.مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ روينيو بورڊ سڀني صوبن کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو آهي، شين سان گڏ تيل ۽ گيس تي به  ٽيڪس اوڳاڙي جو اختيار صوبن کي ملڻ گهرجي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٽيڪس وصولي جا سمورا ٽارگيٽ پورا ڪيا آهن ۽ هن سال 62 ارب رپيا گڏ ڪرڻا آهن. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ ٽيڪس صوبن کي وصول ڪرڻو آهي، شين تي ٽيڪس وصولي جو اختيار به صوبن کي ملڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته سنڌ ۾ شين تي ٽيڪس وصولي جو ٽارگيٽ پورو ٿيڻ بعد باقي وصولي جو اختيار صوبن کي ملڻ گهرجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته تيل ۽ گيس تي ٽيڪس وفاق اوڳاڙي ٿو ۽ سندن مطالبو آهي ته اهو اختيار به صوبن کي ملڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *