ريلوي ڪرپشن ڪيس: سپريم ڪورٽ نيب جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، ريلوي ۾ 45 ڪروڙ گهوٻين واري ڪيس ۾ نيب جي جاچ رپورٽ رد ڪندي اربع تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته هڪ سال مڪمل ٿيڻ باوجود جاچ مڪمل ناهي ٿي، رڳو 2 ٺيڪيدار پڪڙيا ويا آهن، ڇو نه نيب چيئرمين کي گهرايو وڃي. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ ريلوي پاران اسٽيل مل کان لوهه خريد ڪرڻ واري معاملي ۾ 45 ڪروڙ گهوٻين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر نعمان ظهير عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي، 45 ڪروڙ رپين جي گهوٻين ۾ ريلوي جا 6 آفيسر، اسٽيل مل جا 2 آفيسر ۽ 2 ٺيڪيدار ملوث آهن، جن مان ٻن ٺيڪيدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جسٽس ثاقب نثار رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته نيب ٻين جو احتساب ڪري ٿو، هن آفيسرن جو احتساب ڇو نه ٿو ٿئي؟. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي ڪهڙي جاچ آهي جو سال کان وڌيڪ جو عرصو گذرڻ باوجود مڪمل ناهي ٿي، هـِي انساني آزادي جو معاملو آهي، ماڻهو گرفتار ٿين ٿا پر جاچ مڪمل نه پئي ٿي. عدالت، نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته  احتساب بيورو جا ٻين تائين هٿ نٿا پهچن، رڳو ٻن ٺيڪيدارن کي پڪڙيو ويو آهي، ڇو نه نيب چيئرمين کي گهرايو وڃي. عدالت، نيب کان تفصيل رپورٽ طلب ڪندي آفيسر کي هدايت ڪئي ته جاچ رپورٽ ۾ دير جا ڪارڻ 18 فيبروري تي پيش ڪيا وڃن، جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *