ذوالفقار مرزا دبئي ۾ جاويد ناگوري جي ڀاءُ جي قاتلن سان وقت گذاري آيو آهي: شهلا رضا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ پيپلزپارٽي جي عورت ميمبرن چيو ته جيڪڏهن ذوالفقار مرزا  جي خلاف عورتون بيهي رهن ته  هن جي زبان بند ٿي ويندي، سنڌين جي اها روايت آهي ته  هو عورتن جي عزت ڪندا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران پيپلز پارٽي جي ميمبر عورتن جو چوڻ هو ته ذوالفقار مرزا جي پٽ ۽ زال کي پارٽي عهدو ڏنو ۽ هومختلف چينلن تي ويهي پارٽي جي خلاف بيان پيا ڏين، ذوالفقار مرزا  ڪريل زبان استعمال ڪئي ته ان جو سڌو سنئون جواب ڏئي سگهون ٿاهنن جو چوڻ هو ته مڇون ۽ ڏاڙهي رکڻ سان ڪو مرد نٿو ٿي وڃي، آصف علي زرداري جو احسان آهي ته هن ذوالفقار مرزا کي بدين جي سيٽ ڏياري، پيپلز پارٽي جي خلاف ڪم ڪرڻ واري سگهه اڄ ذوالفقار مرزا کي استعمال ڪري رهي آهي، ذوالفقار مرزا دبئي ۾ جاويد ناگوري جي ڀاءُ جي قاتلن سان وقت گذاري آيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *