ختم نبوت قانون ۾ تبديلي جا ذميوار وائکا ڪيا وڃن: سراج الحق

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت واعدو ڪيو هو ته سازش ۾ ملوث ماڻهن کي سامهون آندو ويندو، 28 ڏينهن گذري ويا، ڪنهن ذميوار کي سامهون ناهي آندو ويو، حڪومت بااثرن کي بچائڻ چاهي ٿي، ختم نبوت قانون ۾ تبديلي جي ذميوارن کي سامهون آندو وڃي. سيمينار کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ عورتن کي ڀليڪار چئون ٿا، جماعت اسلامي جون عورتون سيمينار ڪرائڻ مبارڪ جون حقدار آهن. هن چيو ته شيطاني قوتون مايوس ٿي رهيون آهن، جيڪي پاڪستان کي سيڪيولر ۽ لبرل بڻائڻ چاهين ٿيون، اسان جيڪو انقلاب آڻڻ چاهيون ٿا، اهو عورتن جي مدد کانسواءِ ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته تشدد تي يقين نٿا رکون، پرامن ماڻهو آهيون، اسان سڀ گڏجي ملڪ ۾ اسلامي انقلاب آڻينداسين. سراج الحق چيو ته سپريم ڪورٽ جو امتحان آهي ته پاناما پيپرن ۾ موجود 436 ڄڻن جو احتساب ڪري، حڪومت ڪنٽينر پويان لڪيل آهي.27

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *