حڪومت کي آئيني طريقي سان گھر موڪلڻ تي سڀ متفق، ادارن ۽ اسٽبلشمينٽ لاءِ پاڪستان سڀ کان اهم آهيۡ: ناصر شاھھ

سکر  (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن جي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته حڪومت کي آئيني طريقي سان گھر موڪلڻ تي سڀ متفق آهن. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر شاهه چيو ته ادارن ۽ اسٽبلشمينٽ لاءِ پاڪستان سڀ کان اهم آهي. هن چيو ته نااهل وفاقي حڪومت جي فيصلن خلاف مارچ ڪيو پيو وڃي، پ پ جي عوامي مارچ ۾ لکين ماڻهو شامل ٿيندا، عوام جو سمنڊ هوندو. سندس چوڻ هو ته آئيني طريقي سان حڪومت کي گھر موڪلڻ تي سڀ متقفق آهن، ممڪن آهي ته وزيراعظم عمران خان پهريان ئي هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃي. ناصر شاهه چيو ته مارچ مان وائڙائپ جو شڪار ٿي پي ٽي آءِ عوام دشمن لتل مارچ ڪڍيو آهي، اهو ئي مارچ سندن حيثيت سامهون آڻيندو ته عوام هنن سان گڏ آهي يا نه؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *