حڪومت پاران ريڊ زون ۾ ڌرڻو هڻندڙن خلاف آپريشن جو فيصلو، فورسز هاءِ الرٽ

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف ملڪ ۾ جملي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سينيئر سياسي قيادت سان اڱاري تي مشاورتي اجلاس ڪيو اجلاس ۾ گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان سڌسماءَ جو وفاقي وزير پرويز رشيد اسحاق ڊار خواجه سعد رفيق عبدالقادر بلوچ سينيٽر مشاهد الله وزيراعظم جو معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماني ۽ عرفان صديقي شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪ ۾ امن امان جي صورتهال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون هوڏانهن خانگي ٽي وي مطابق ضلعي انتظاميه سان ڳالهين جي ناڪامي کان پوءِ وفاقي حڪومت ريڊ زون ۾ ڏنل ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ رينجرز ايف سي ۽ پوليس کي الرٽ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اسلام آبادجي مختلف علائقن ۾ 700 کان وڌيڪ مظاهرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري کين پنجاب جي مختلف جيلن ۾ وڌو ويو ڪيپيٽل پوليس ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته 500 کان وڌيڪ مظاهرو ڪندڙن کي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن سان چڪرين دوران گرفتار ڪيو ويو جن ۾ ڪجهه اڳواڻ به شامل آهن ذريعن موجب اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۽ پريڊ گرائونڊ ۾ ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ڌرڻي کان ٻاهر ويندڙ مظاهرين جي گرفتاري عمل ۾ آئي ذريعن ٻڌايو ته گرفتار مظاهرو ڪندرن کي ڪجهه پوليس ٿاڻن سميت مختلف هنڌن تي رکيو ويو ۽ ان کان پوءِ کين اسلام آباد جي ويجهن ضلعن جي جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو هڪ پوليس اهلڪار مطابق گرفتار ٿيلن کي جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جو عمل سست آهي. ڄاڻايل اهلڪار وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن تنهنڪري ڪيپيٽل پوليس پهريان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي جنهن جيل ۾ مظاهرو ڪندڙن کي اماڻيو پيو وڃي اتي جڳهه موجود آهي يا نه.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *