جنگ جو نتيجو معصوم ٻارڙن کي ڀوڳڻو پوي ٿو، گلوڪاره شڪيرا

نيويارڪ (شوبز نيوز) يونيسيف جي امن سفير ۽ مشهورگلوڪاره شڪيرا چيو آهي ته جنگ جو نتيجو معصوم ٻارڙن کي ڀوڳڻو پوي ٿو گڏيل قومن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پاپ گلوڪاره شڪيرا چيو آهي ته جنگيون تباهي جو سبب بڻجنديون آهن جن جي ڳري قيمت معصوم ٻارڙن کي پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ادا ڪرڻي پوي ٿي هن چيو ته تازو ئي شامي ٻارڙا ايليان ڪردي جي موت سڄي انسانيت کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي شڪيرا چيو ته دنيا جي قومن کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جو آئينده ڪوئي ٻارڙو جنگ يا بک وگهي بي رحم موجن جي نذر نه ٿي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *