توهين عدالت ڪيس ۾ فردوس عاشق ۽ غلام سرور جي معافي قبول، سياست لاءِ ادارن کي تڪراري بڻائڻ درست ڪونهي: اطهر من الله

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ۽ وفاقي وزير غلام سرور جي توهين عدالت درخواست تي لکت فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته وفاقي وزيرن پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو آهي جنهن کي عدالت قبول ڪيو، وزيراعظم ۽ حڪومت جي ترجمان کي اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن، ياد رکڻ گهرجي ته هن ملڪ جي ايگزيڪيوٽو عوام آهي، عوام جي چونڊل حڪومت ايگزيڪيوٽ آهي، سومر تي فيصلو جسٽس اطهر من الله لکيو، لکت ۾ فيصلو 17 صفحن تي ٻڌل آهي، لکت فيصلي ۾ وفاقي وزيرن جو پريس ڪانفرنس ۽ ٽي وي پروگرام جو ذڪر ڪيو ويو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته خاص مددگار ۽ وفاقي وزير پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو، جنهن کي عدالت قبول ڪيو، فصيلي موجب خاص مددگار ۽ وفاقي وزير غلام سرور عدالت کان بنا شرط معافي ورتي، جنهن کي عدالت منظور ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي بيان بازي ٽرائيل تي اثر انداز ٿئي ٿي، فيصلي ۾ چيو ته فردوس عاشق اعواڻ موڪل ڏيندي ٻڌڻي جي ڳالهه ڪئي، فيصلي ۾ چيو ته خاص مددگار پنهنجي بيان سان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فيصلي ۾ تحريڪ انصاف جي 2014 جي ڌرڻي جو ذڪر ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو ته عدالت 2014 ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي موڪل واري ڏينهن ضمانت ڏني، فيصلي ۾ چيو ويو ته عدالت 2014 ۾ موڪل واري ڏينهن آفيس جي وقتن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي، فيصلي موجب 2014 جي پي ٽي آءِ جي ڌرڻي وقت عدالت عارف علوي ۽ اسد عمر جي موڪل واري ڏينهن ضمانت منظور ڪئي، فيصلي۾ چيو ويو ته عدالت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جي شوڪاز نوٽيس کي واپس وٺي ٿي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *