اڳوڻي سينيٽ چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ جي بلاول ڀٽو سان ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ملڪ جي ناليواري قانوني ماهر فاروق ايڇ نائيڪ جي بلاول هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات،کيس  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي احتساب عدالت مان ايس جي ايس ڪوٽيڪنا ڪيس مان باعزت بري ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون، بلاول ڀٽو زرداري ان ڪيس ۾ ڪيل محنت ۽ دليلن جي واکاڻ ڪئي جن ٻڌڻين دوران آصف علي زرداري کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائڻ لاءِ داخل ڪرايل ٻن ڪوڙن ريفرنسز کي ڪوڙو ثابت ڪيو،ملاقات دوران فاروق ايڇ نائيڪ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سنڌ ۾ ٻن مرحلن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ اٽڪل سئو سيڪڙو نتيجا حاصل ڪرڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *