ايمرجنسي واري حڪمنامي تي رڳو پرويز مشرف جي صحيح آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، غداري ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر سميت شريڪ جوابدارن کي شامل ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت چيو آهي ته ايمرجنسي واري حڪمنامي تي رڳو پرويز مشرف جي صحيح آهي ۽ وفاق رڳو پرويز مشرف کي ايمرجنسي جو ذميوار سمجهي ٿو. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بيچ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر جي خاص عدالت خلاف محفوط ڪيل فيصلو ٻڌايو. جسٽس آصف سعيد کوسا سنگين غداري ڪيس ۾ عبدالحميد ڊوگر سميت ٻين شريڪ جوابدارن جا نالا شامل ڪرڻ خلاف فيصلو پڙهي ٻڌايو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايمرجنسي واري حڪمنامي تي رڳو پرويز مشرف جي صحيح ٿيل آهي ۽ وفاقي سرڪار به مشرف کي ايمرجنسي جي ذميوار سمجهي ٿي. عدالت ۾ ريمارڪس ۾ چيو ته سنگين غڊاري ڪيس ۾ شريڪ جوابدارن کي شامل ڪرڻ جو اختيار رڳو وفاق کي آهي. سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر سميت شريڪ جوابدارن کي شامل ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي غداري ڪيس جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. واضح رهي ته اسلام آباد جي خاص عدالت سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر، شوڪت عزيز ۽ ٻين جوابدارن جا نالا نامزد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو هو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *