ايف سي آدمشماري ۾ خلل وجهڻ جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو: آءِ ايس پي آر

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب فرنٽيئر بلوچستان ۾ آدمشماري جي عمل ۾ خلل وجهڻ لاءِ بارودي سرنگهن ذريعي دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق شدت پسند بارودي سرنگهن ذريعي بلوچستان جي علائقي تربت ۽ دشت ۾ آدمشماري جي عمل ۾ خلل ۽ افراتفري پيدا ڪرڻ پيا چاهين جنهن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ايف سي بلوچستان وقت سر ڪارروائي ڪندي رستي تي پيل بارودي مواد کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق شرپسندن تربت-دشت روڊ تي ديسي ساخت بم رکيو هو پر ايف سي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت تي ڪارروائي ڪندي ان کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ تحقيق ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته بلوچستان سميت سموري ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *