ايان علي تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

راولپنڊي(م.ڊ) سُپر ماڊل ايان علي تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت سندس وڪيل کي مني لانڊرنگ تي بحث لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي. راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ مني لانڊرنگ جي الزامهيٺ آيل ماڊل ايان علي پيش ٿي. عدالت اڄ به سُپر ماڊل ايان علي تي فرد جرم لاڳو نه ڪري سگهي. سُپر ماڊل ايان علي جي وڪيل سردار لطيف کوسا عدالت کي درخواست ڪئي ته مني لانڊرنگ تي بحث لاءِ کيس اجازت ڏني وڃي. عدالت وڪيل سردار لطيف کوسا کي آخري مهلت ڏيندي بحث جي اجازت ڏيندي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *