اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي دوران 960 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي دوران 960 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اين اي 122 جيان هر پولنگ اسٽيشن تي فوج مقرر نٿي ڪري سگهجي، حساس پولنگ اسٽيشن تي آرمي گشت ڪندي. لاهور ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پوليس، اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ميمبر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ سڪيورٽي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي، ان لاءِ سمورا ادارا اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪن. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو پر امن طريقي سان گذريو ويو، اميد آهي ته ٻيو مرحلو به احسن طريقي سان گذري ويندو، جتي به شڪايت ملي اتي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته قائد اعظم جو قول آهي ته بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجيون ذميواريون ادا ڪيون، اليڪشن ڪميشن جا عملدار به بنا خوف ۽ خطري جي مڪاني چونڊن دوران پنهنجيون ذميوارين ادا ڪن. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر فتح محمود يعقوب چيو ته پنجاب ۾ 960 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، اين اي هڪ سئو 22 تي ننڍي چونڊ دوران مڪاني چونڊن جي موقعي تي هر پولنگ اسٽيشن تي فوج مقرر نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي دوران سڪيورٽي لاءِ هڪ لک پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، پاڪ فوج رڳو حساس پولنگ اسٽيشن تي گشت ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته هٿيارن جي نمائش تي ڪيس داخل ڪيا ويندا، جڏهن ته جهيڙا روڪڻ لاءِ چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ ريليون ڪڍڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ پولنگ شام ساڍي پنجين تائين جاري رهندي، آخري مرحلي لاءِ پولنگ جو وقت پنجين وڳي تائين ڪرڻ جي تجويز ملي آهي، جنهن تي غور ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *