اليڪشن ڪميشن وزيراعظم جي هاري پيڪيج کي چونڊ ضابطا اخلاق جي لتاڙ قرار ڏئي ڇڏيو، عمل روڪڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن وزيراعظم پاران اعلانيل هاري پيڪيج کي چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ان تي عمل روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي ان ڪيميرا بريفنگ ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب ٻڌايو ته 15 سيپٽمبر تي وزيراعظم نواز شريف هاري پيڪيج جو اعلان ڪيو، جنهن تي چونڊ ضابطا اخلاق جي لتاڙ جو سوال اٿيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پيڪيج جي اعلان جو نوٽيس وٺندي حڪومت جو موقف ٻڌو، خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ڪميشن کي حڪومتي موقف ٻڌايو، جنهن سان اليڪشن ڪميشن اتفاق نه ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته هاري پيڪيج جا ٽي نقطا ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير جو حصو نه هئا، جنهن ڪري حڪومت کي في ايڪڙ زرعي قرض جي حد 2 هزارن مان وڌائي 4 هزار ڪرڻ ۽ هارين کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ معاوضو ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت کي ڪپهه ۽ چانورن جي آبادگارن کي زرعي قرضن تي وياج ۾ 2 سيڪڙو رعايت ڏيڻ کان به روڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري مطابق حڪومت کي انهن ٽنهي شقن تي 4 ڊسمبر تائين عمل ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. واضح رهي ته هاري پيڪيج بابت اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن خوراڪ ۽ سڌسماءَ جي سيڪريٽرين کي گهرائي هاري پيڪيج بابت حڪومتي موقف ٻڌو، جنهن کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو، جيڪو اڄ جاري ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *