اسپاٽ فڪسنگ: 5 رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ايف آءِ اي اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جي تحقيق دوران 5 شڪي رانديگرن جا نالا ايڪزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايفآءِ اي پنج شڪي رانديگرن محمد عرفان، شاهه زيب حسن، خالد لطيف، شرجيل خان ۽ ناصر جمشيد جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ گهرو وزارت کي سفارش ڪري ڇڏي آهي. شڪي رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرن جي سفارش ايف آءِ اي پنجاب جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عثمان ۽ جاچ آفيسر شاهد حسن طرفان ڪئي وئي آهي ۽ ان ڏس ۾ ان طرفان لکيل خط گهرو وزارت کي ملي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل رانديگرن جا نالا اي سي ايل تي 48 ڪلاڪن دوران شامل ٿي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *