ارجنٽينا ڪولمبيا کي شڪست ڏئي ڪوپا آمريڪا فٽبال ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

تياگو (اسپورٽس نيوز) ارجنٽينا ڪولمبيا کي شڪست ڏئي ڪوپا آمريڪا فٽبال ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. دلچسپ ميچ جو فيصلو پينلٽي ڪڪس تي ٿيو. راند جي ٻئي هاف ۾ ڊي ماريه کي ڪارنر مليو پر ان يقيني گول کي ڪولمبيا جي گول ڪيپر بچائي ورتو. مقرر وقت تائين مقابلو ڪنهن گول کان سواءِ برابر رهيو، ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ پينالٽي ڪڪس ڏنيون ويون. ڪولمبيا جي جيسن موريلو پينالٽي زيان ڪري ڇڏي. جڏهن ته ارجنٽينا جي ڪارلوس تيويز گول ڪري ٽيم کي سيمي فائنل ۾ ڌڪي ڇڏيو. سيمي فائنل ۾ ارجنٽينا جو مقابلو برازيل ۽ پيرا گوئي وچ ۾ ميچ جي فاتح ٽيم سان ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *