اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بمباري،25 دهشتگرد مارجي ويا

وانا (م.ڊ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ 25 دهشتگرد مارجي ويا، سيڪيورٽي ذريعن مطابق اتر وزيرستان جي علائقن وانا ۽ ڪند پهاڙ ۾ هوائي فوج جي جيٽ جهازن ذريعي دهشتگردن جي ٿاڪن تي بمباري ڪئي وئي، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر مطابق انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي وانا ۽ ڪند پهاڙ وارن علائقن ۾ ٻه هوائي حملا ڪيا ويا، هڪ ڪارروائي جي نتيجي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻي ۾ 10 دهشتگردن کي ماريو ويو، سيڪيورٽي ذريعن مطابق جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 8 ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي دهشتگرد زخمي پڻ ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *