آمريتي عنصر شهيد شاهنواز ڀٽو جي انقلابي سوچ کان ڊنل هئا، هڪ ناپاڪ سازش ڪري کيس شهيد ڪيو ويو هو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو شهيد شاهنواز ڀٽو کي سندس 34 هين ورسي جي موقعي تي شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، پنهنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي بحال ڪرڻ لاءِ عوامي جدوجهد ۾ ڀٽو خاندان پاران ڀرپور قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد شاهنواز ڀٽو کي هڪ وڏي سازش ڪري شهيد ڪيو ويو هو، هن چيو ته آمريتي عنصر شهيد شاهنواز ڀٽو جي انقلابي سوچ کان ڊنل ۽ پاڪستان جي نوجوانن ۾ انهن جي وڌندڙ مقبوليت کان پڻ ڊنل هئا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي نئين نسل شهيد شاهنواز ڀٽو هڪ ڪيس اسٽڊي آهي ته عوام جا حق ڦٻائيندڙ طاقتون جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ تي ظلم جا سڀ ليڪا لتاڙين ٿيون ۽ عوام جي خدمت جو جذبو رکندڙ ماڻهن کي بي رحمي سان ماريو وڃي ٿو، بلاول ڀٽو چيو ته ڀٽو جي سوچ تي قائم شهيد شاهنواز ڀٽو جي جمهوري انقلابي سوچ جو سفر ۽ عوامي خدمت جو جذبو اڄ به جاري آهي ڇو ته پ پ ملڪ کي حقيقي جمهوري ۽ برابري تي ٻڌل قائد اعظم جو پاڪستان ٺاهڻ لاءِ اڄ به جدوجهد جي ميدان ۾ منزل ڏانهن وڌي رهي آهي، پ پ چيئرمين پارٽي عهديدارن، ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي اڄ شهيد شاهنواز ڀٽو جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا ڪن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *