
راولپنڊي (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان يورپي يونين جي خاص نمائندي ۽ افغانستان لاءِ يورپي يونين جي وفد جي سربراهه ايبيسٽر فرانز مائيڪل ميلي بن خميس تي ملاقات ڪئي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آءِ ايس پي آر مطابق يورپي يونين جي نمائندي آرمي چيف سان ملاقات دوران آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين ۽ علائقائي اسحقام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي واکاڻيو.