آئين رياست آهي، انڪار نٿو ڪري سگهجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي اڳواڻ فضل الله سوڌو مختلف اڳواڻن جي وڊيو پيش ڪئي وئي، اٽارني جنرل آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته رياست خلاف جنگ جو اعلان ڪندڙن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ٿيڻ گهرجي ،دهشتگرد پاڪستان ۽ رياست کي تسليم نٿا ڪن،تنهن ڪري دهشتگرد ڪنهن بنيادي حقن جو حقدار نه آهي، چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بئنچ 18هين ۽ 21هين آئيني ترميمن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل فضل الله سميت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي اڳواڻن جون مختلف وڊيوز پيش ڪيون ،جن ۾ پاڪستان خلاف اعلان جنگ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فوج خلاف مختلف هٿياربند ڪارروايون به ڏيکاريون ويون آهن ،اٽارني جنرل چيو ته وڊيوز مان ثابت ٿئي ٿو ته رياست خلاف جنگ جو اعلان ٿي چڪو آهي، شدت پسندن کي آرمي ايڪٽ جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ آئيني ترميم ڪئي وئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته اهڙي صورتحال ۾ رياست ڇا ڪري رهي آهي؟ ڇا رياست داعش کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو؟ ڇا ڪنهن کي امير المومنين يا خليفو قرار ڏيڻ تي ڏوهه چيو ويو؟ جيڪڏهن ايئن آهي ته نوٽيفڪيشن پيش ڪيا وڃن، دهشتگردن جي ٽرائل جو طريقو موجود آهي، اهو استعمال ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ ڇا وڊيوز ۾ ڏيکاريل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا ؟ جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته روزانو ملڪ ۾ تشدد جا واقعا ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ پهرين ته ايئن نه هو. جسٽس جواد چيو ته پاڪستان خلاف جنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي، ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، پاڪستان هميشه قائم رهڻو آهي، ٻڌايو وڃي ته دهشتگرد ڪٿان آيا ۽ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته ان ڪئميرا ٻڌڻي ۾ سموريون حقيقتون پيش ڪري سگهجن ٿيون،21هين ترميم ۾ دهشتگردن جا بنيادي حق ختم ڪيا ويا. جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڪستان آهي ته آئين آهي، جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته هر طرف تشدد ڏسي رهيا آهيون، ڪا اسٽڊي ڪرائي وئي ته اهي ماڻهو ڪٿان آيا؟ هتي کين آڻڻ وارو ڪير آهي؟ وڊيو ۾ ڏيکاريل ماڻهو گرفتار نه ٿيندا ته انهن جو ٽرائل ڪيئن ٿيندو؟ هن چيو ته آئين رياست آهي، ان کي پٺي نٿي ڏئي سگهجي، عدالتون انهيءَ لاءِ آهن ته آئين کي پٺي نه ڏين، ان کانپوءِ ٻڌڻي خميس ڏينهن (سڀاڻي) تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *