پاڪستان جي پهرين سپر اسٽار سنتوش ڪمار کي وڇڙي 33 سال گذري ويا

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي ناليواري ۽ پهرين سپر اسٽار سنتوش ڪمار کي وڇڙي اڄ 33 سال گذري ويا.ڀارتي رياست اتر پرديش جي پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکندڙ سيد موسيٰ رضا 25 ڊسمبر1925ع ۾ لاهور ۾ اک کولي. حيدرآباد ڏکڻ جي ناليواري يونيورسٽي عثمانيا مان آئي ايس سي جي امتحان ۾ سٺن نمبرن سان ڪاميابي حاصل  ڪرڻ کانپوءِ به هن سرڪاري نوڪري بدران اداڪاري جي شعبي جي چونڊ ڪئي.1947ع ۾ سندس پهرين فلم “اهنسا” وڏي پردي جي زينت بڻي.سنتوش ڪمار جي شخصيت جي حوالي سان سندس هم عصرن جو چوڻ آهي ته شايد ئي دنيا ۾ ڪو ماڻهو سنتوش ڪمار جهڙو بڻجي سگهي. سنتوش ڪمار 11 جون 1982ع ۾ 56 سالن جي ڄمار ۾ فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *