نديم تي 401 فلمن 201 گانا پڪچرائز ڪيا ويا، 18 گانا پنهنجي آواز ۾ ڳايا

nadeemڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي سدا بهار هيرو نديم ”چڪوري” کان وٺي ”مين هون شاهد آفريدي“ تائين 401 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جنهن مان مٿس مجموعي طور تي 201 گانا پڪچرائز ڪيا ويا جيڪي لڳ ڀڳ تمام گهڻا مشهور ٿيا. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق نديم تي مسعود رانا، مجبيب عالم، احمد رشدي، مهدي حسن ، اي نير ۽ اخلاق احمد جهڙن سريلن گلوڪارن جي آواز ۾ گانا رڪارڊ ٿيا پر دلچسپي جي ڳالهه اها به آهي ته 201 گانن مان 18 گانا خود نديم جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيا جن ۾ سندس پهرين فلم ”چڪوري” جو گانو ڪهان هو تم ڪو ڊهونڊ رهي هين يه بهارين يه سمان ” فلم ”دل لگي” جو گانو ”پيار ڪرنا تو ڪوئي جرم نهين هي يارو” ۽ ٻيا گانا پڻ شامل آهن. واضح رهي ته نديم بنيادي طور تي گلوڪار آهي، هو فلم انڊسٽري ۾ گلوڪار بڻجڻ آيو پر بڻجي اداڪار ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *