خوبصورت اداڪارا شرڌا ڪپور کي شوٽنگ مهانگي پئجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) فلم ”عاشقي ٽو ۽ حيدر“ ۾ بهترين اداڪاريءَ سان نالو ڪمائيندڙ خوبصورت اداڪارا شرڌا ڪپور کي شوٽنگ مهانگي پئجي وئي ۽ هو نئين فلم ”اي بي سي ڊي-ٽو“ جي شوٽنگ دوران ڪري زخمي ٿي پئي، بالي ووڊ حسينا شرڌا ڪپور اڄ ڪلهه نئين فلم ”ايني باڊي ڪين ڊانس-ٽو“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، ڊانس جي پريڪٽس دوران اداڪارا اسٽيج تان هيٺ ڪري پئي ۽ سندس پير به مڙي پيو، ڊانس تي ٺهندڙ ان فلم ۾ شرڌا ڪپور سان ورن ڌون مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ريمو ڊسوزا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هيءَ فلم 19 جون تي سينيما گھرن جي زينت بڻبي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *